سيرين رضه

سيرين رضه: حضرت سيرين رضه ۽ سندس سڳي ڀيڻ ماريه قبطيه رضه نالي ٻن ڀيڻن کي مصر جي بادشاهه مقوقش پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت مبارڪ ۾ تحفو ڪري موڪليو هو. حضرت ماريه قبطيه رضه سان پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم خود نڪاح ڪيو، جڏهن ته حضرت سيرين رضه جي شادي پاڻ ڪريمن جي اصحابي ۽ مشهور شاعر حـضـرت حـسـان بن ثابـت رضه سـان ٿـي. اهي ٻئي ڀيڻون مـذهبي طور نصراني هيون، پر جڏهن قسمت کين مديني پاڪ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وسلم وٽ وٺي آئي، تڏهن ٻئي ڀيڻون اسلام ۾داخل ٿي ويون. انهن جو ڀاءُ مابور به مصر مان انهن سان گڏجي آيو هو ۽ گهڻي وقت تائين اهو پنهنجي مذهب کان نه ڦريو، نيٺ هو به مسلمان ٿي ويو.


لفظ سيرين رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو